SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تجنيس حرفي


:جامع سنڌي لغات ۾

تجنيس حرفي

تجنِيس حَرفِي

ث. شعر جي مصرع ۾ اهڙن لفظن جو استعمال جن جو شروعاتي اکر ساڳيو هجي ”تي توڪل ساڻ تقويٰ، ترڪ دنيا کي تمام“ حمل.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

تجنيس حرفي

اعرابن سان:تجنِيس حَرفِي

[ا - مث] ڪنهن شعر جي مصرع ۾ اهڙن لفظن جو استعمال جن جو شروعاتي اکر ساڳيو هجي

’تي توڪل ساڻ تقويٰ، ترڪ دنيا کي تمام‘ (حمل)

-’حسن سرڪار جي سامهون، سوين آيا ويا سٽجي‘ (ماسٽر چندر)

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تجنيس حرفي

(Alliteration)

”تجنيس“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”هڪجهڙو هجڻ، مطابقت هجڻ“ ۽ ”حرف“ جي لغوي معنيٰ آهي ”اکر“. تنهن ڪري ”تجنيس حرفي“ جو مطلب ٿيندو، ”اکرن جي هڪجهڙائي يا مطابقت هجڻ“. علم بيان ۾ ”تجنيس حرفي“ جو مطلب آهي، شعر جي ڪنهن مصرع ۾ ساڳئي يا هڪجهڙي اکر سان شروع ٿيندڙ ڪيترائي لفظ اچن. سنڌيءَ ۾ ورجاءُ به تجنيس ۾ شامل ٿئي ٿو، جنهن سان بيتن جي مضمون ۾ سهڻائپ، رنگيني، تسلسل ۽ هم آهنگي پيدا ڪجي ٿي. شاهه لطف الله قادري سڀ کان پهرين پنهنجي شاعريءَ کي وڌيڪ دلڪش بنائڻ لاءِ نئين ٽيڪنڪ وارڻ يا ورجاءُ جو استعمال ڪيو آهي. حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار، ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورهن جي تجنيس جا خوبصورت مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا: ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو!


Remember Me Also:

هاڃو

هاڃو جمع هاڃا

ذ . نقصان. قهر.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal